ڀاڳ ڀري

ڀاڳ ڀري (Putrajiva Roseburghi ):هي پسارکو وکر آهي، جنهن کي اردو ۽ هنديءَ ۾ جياپوتا، گجراتيءَ ۾ پتر جيوڪ چوندا آهن. وچولي قد جو هي سدا بهار وڻ، هنگوٽ جي وڻ وانگر ٿيندو آهي. ان جون ٽاريون بڊيل ۽ پن ڪاراڻ مائل ساوا ٿيندا آهن. هي وڻ ننڍن ڇڳن جي صورت ۾ گل ڪندو آهي. جيڪي جُون مهيني ڌاري نمورين وانگر ٿيندا آهن. هيءَ اڪثر اُتر پرديش ۽ پنجاب ۾ ٿئي ٿو. هن جي ٻجن جي مالها ٺاهي پوڄا پاٺ مهل پائيندا آهن. آڳاٽي زماني ۾ ويد هن جا ٻج سنڍ زالن ۽ مردن کي انهيءَ خيال کان استعمال ڪرائيندا هئا ته انهن جو مغز کائڻ سان اولاد ٿئي ٿو. انهيءَ نسبت سان سنڌيءَ ۾ هن جو نالو ”ڀاڳ ڀري“ رکيو ويو. ساڌو لوڪ هن جي گُلن جون مالهائون پائيندا آهن. سندن عقيدو آهي ته انهن کي پائڻ سان هو بيمارين کان محفوظ رهندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو